پاڪستانسنڌ

ٽنڊو جان محمد ۾ سسٽي اٽي جو اسٽال بدنظمي جو شڪار

ٽنڊو جان محمد :ٽنڊوجان محمد ۾ سستي اٽي جو اسٽال بدنظمي جو شڪار ٿي ويو. اٽي جا گھٽ ٿيلھا موڪلڻ تي عورتن احتجاج ڪيو. سنڌ حڪومت طرفان عوام کي سستي اگهه تي اٽو ڏيڻ واري اعلان کانپو ايس ڊي ايم ڊگھڙي آصف علي خاصخيلي جي ھدايت تي ايمان فلور مل طرفان سستي اگهه تي اٽي جو اسٽال پبلڪ پارڪ ۾ لڳايو ويو، اسٽال تان انتظاميا ۽ خوراڪ کاتي جا عملدار گم هئا، ماڻھن کي فلور مل وارن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو. اسٽال تي عورتن ۽ مردن جي پيھه وڌڻ سبب اسٽال بدنظمي جو شڪار ٿي ويو. اٽو وٺڻ لاءِ عورتون ٽرڪ تي لٽڪنديون رھيون، پر ڪيتريون ئي عورتون ۽ مرد اٽو نه ملڻ ڪري مايوس ٿي گھر واپس ويا. اٽو نه ملڻ تي عورتن احتجاج ڪندي چيو ته فلور مل طرفان سستي اٽي جا سئو کان ڏيڍ سئو ٿيلھا آندا ويا، جيڪي من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا، جيڪو ظلم آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button