پاڪستانسنڌ

خيرپور ۾ مطالبن جي مڃتا لا استادن جي احتجاجي ريلي

خيرپور: خيرپور ۾ بي اي سي ايس ۽ اين سي ايڇ ڊي استادن جائز مطالبن جي مڃتا لا سيشن ڪورٽ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي، جنهن جي اڳواڻي بيڪس سنڌ جي صدر ابوبڪر راجپر، مجيب الرحمان ڦلپوٽو، رفيقه راڄپر، حافظ صفي الله، صدام حسين راڄپر، مظفر علي موريو عبدالقادر، آمنه ڪٽوهر، عاليه بلوچ ۽ ٻين ڪئي. استاد اڳواڻن چيو ته سڄي ضلعي جا 200 ميل، فيميل استاد سيڪريٽري ايجوڪيشن طرفان آگسٽ 2022ع ۾ جاري ڪيل استاد دشمن پاليسي ۽ تازو جاري ڪيل ايگريمينٽ جو مڪمل طور تي بائيڪاٽ ڪري پاليسي ۽ ايگريمينٽ کي رد ڪن ٿا. بي اي سي ايس ۽ اين سي ايڇ ڊي استادن کي 2 سال اڳ سنڌ حڪومت ۾ ضم ڪيل استادن جيان سنڌ سروس ايڪٽ رولز تحت مستقل ڪيو وڃي، استادن لاءِ تيار ڪيل ماھوار 25 ھزار فڪس پگهار واري پاليسي ۾ ترميم ڪري پرائمري استاد وارو بنيادي اسڪيل ڏنو وڃي، استادن کي گورنمينٽ رولز تحت رٽائرمينٽ واري عمر 55 سال بدران 60 سال ڪئي وڃي. استاد کي رٽائرمينٽ بعد پينشن ڏني وڃي، استادن کي سروس بڪ ۽ پگهارون، پرسنل آئي ڊيز تحت ھر مھيني پيرول تي ڏنيون وڃن، استادن جون رھيل 9 مھينن جون پگهارون جلد جاري ڪيون وڃن. ھن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلى مراد شاهه کان مطالبو ڪيو ته اسان جا جائز مسئلا حل ڪري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button