پاڪستانسنڌ

اڪري جو ڳوٺ اڃا ٻڏل، ڳوٺاڻا پاڻي ۾ مڇيون ماري روزگار ڪرڻ لڳا

فيض گنج : يوسي اڪري جي ڳوٺ خان محمد شر مان ۽ چوطرف بيٺل ٻوڏ جو پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو. برسات متاثر ڳوٺاڻن ڳوٺ جي چوطرف بيٺل برساتي پاڻي ۾ مڇيون مارڻ شروع ڪري ڇڏيون، جيڪي مڇيون ماري پيٽ گذر ڪرڻ لڳا آهن. برسات کي 5 مهينا گذرڻ باوجود ضلعي انتظاميا ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لا ڪي به قدم ناهن کنيا. ٻوڏ دوران مڇي جي تلائن ۾ پاڻي پوڻ سبب مڇيون ٻاهر نڪري آيون، هاڻ ٻوڏ متاثر ڳوٺاڻا مڇيون ماري گذر سفر ڪرڻ تي مجبور آهن، جيڪي ٿڌي پاڻي ۾ ڄار هڻي وڏي تعداد ۾ مختلف قسمن جون مڇيون ڦاسائي ٻار جو پيٽ پالي رهيا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن علي محمد، اصغر، شوڪت ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب روزگار ختم ٿي ويو، پر مالڪ سائين اسان لا مڇي جي صورت ۾ روزي جو ذريعو پيدا ڪيو آهي. روز لڳ ڀڳ هڪ کان ڏيڍ مڻ مڇي شڪار ٿئي ٿي، جنهن مان ننڍيون مڇيون 100 رپيا ڪلو ۽ وڏي مڇي 200 رپيا ڪلو جي حساب سان وڪرو ڪري اٽو ۽ ٻيو سامان وٺي ٻارن جو پيٽ پاليون پيا. ٻئي طرف روز مڇين جي شڪار وقت سوين ڳوٺاڻن جو گڏجڻ سبب ڳوٺ ٻاهران ننڍن توڙي وڏڙن جا ميلا پڻ متل رهن ٿا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته برساتي پاڻي نيڪال لا دانهن ڪوڪن جو سرڪار توڙي انتظاميا تي اثر نه ٿيو، 100 گهرن تي مشتمل ڳوٺ مڪمل برساتي پاڻي جي لپيٽ ۾ آهي، اسان خيمن ۾ ويٺل آهيون، ڪير به راشن نٿو ڏي، مجبوري ۾ مڇي ماري وقت گذاريون پيا. هنن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته جلد ٻوڏ جو پاڻي نيڪال ڪرائي راشن ڏئي مالي مدد ڪئي وڃي ۽ گهر ٺهرائي ڏنا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button