پاڪستانرانديون

فٽبال ۾ فرانس جي بادشاهي ختم،ارجنٽائن ٽيون ڀيرو عالمي چئمپين بڻجي ويو

ليونل ميسي جي ٽيم ارجنٽائن فيفا ورلڊ ڪپ جي انتهائي دلچسپ ۽ سنسني خيز فائنل ۾ فرانس کي پئنلٽي ڪڪس تي 2- 4 تان شڪست ڏئي تاريخ ۾ ٽيون ڀيرو عالمي چئمپين بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو، اهڙي طرح فٽبال جي عالمي ڪپ مقابلن ۾ يورپ جي 16 سالن جي حاڪميت به ختم ٿي وئي. قطر جي شهر لوسيل ۾ کيڏيل ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ليونل ميسي پنهنجي ڪيريئر جي آخري ميگا ايونٽ کي يادگار بڻائيندي ٽرافي کٽڻ جو خواب ساڀيان ڪري ڏيکاريو ۽ ورلڊ ڪپ پنهنجي نالي ڪري ورتو. ارجنٽائن ان کان اڳ 1978ع ۽ 1986ع ۾ به فٽبال جو ورلڊ ڪپ کٽيو هو. ورلڊڪپ فائنل جي پهرين هاف ۾ ارجنٽائن کي ٻن گولن جي سرسي حاصل هئي، جنهن ۾ ميسي ۽ ڊي ماريا جو هڪ هڪ گول شامل هو. ٻئي هاف ۾ فرانس جي ايمباپي لڳاتار 2 گول ڪري حساب برابر ڪيو ۽ مقرر وقت تائين مقابلو برابر رهيو، جنهن بعد اضافي وقت ۾ ميسي پنهنجو ٻيو ۽ ٽيم لا ٽيون گول اسڪور ڪيو پر ايمباپي گولن جي هيٽرڪ ڪري اها برتري به ختم ڪري ڇڏي، سنسني خيز فائنل جو فيصلو پئنلٽي ڪڪ ذريعي ڪيو ويو، جنهن ۾ ارجنٽائن 4 گول ڪيا ۽ فرانس جي ٽيم صرف 2 گول ڪري سگهي، اهڙي طرح ايمباپي جي هيٽرڪ به فرانس کي شڪست کان نه بچائي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button