پاڪستانسنڌ

خانپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف انڊس ها وي تي ڌرڻو، پوليس سان چڪريون

ڪڪڙ: ڪڪڙ ٿاڻي جي حد خانپور ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شھرين ۽ واپارين محمد اقبال چارڻ، سيد اظهار شاهه، سيد امين شاهه، غلام مصطفيٰ عباسي، سيد عمير شاهه، نبي بخش جيسر، قربان ملاح ۽ ٻين مين روڊ انڊس هاءِ وي تي رڪاوٽون رکي بلاڪ ڪري ڇڏيو ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري زبردست نعريبازي ڪئي ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ مسافر گاڏين جو قطارون لڳي ويون، ڪڪڙ پوليس احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ پهتي ته مظاهرين ۽ پوليس اهلڪارن ۾ چڪريون پڻ ٿيون. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ هڪ مهيني اندر 30 موٽرسائيڪلون، مينهون ۽ ٻيو قيمتي سامان شهرين جو چوري ٿي ويو پر افسوس نااهل ايس ايڇ او گلزار احمد خشڪ ڏوهارين آڏو بيوس بڻجي ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي.

مٿان وري بدامني خلاف ڪيل احتجاج تي ڀاڳين مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن ايس ايڇ او جي هٽائڻ ۽ گشتي پوليس اهلڪار وڌائڻ جو مطالبو ڪيو. هوڏانهن ڊي ايس پي خيرپورناٿن شاهه يونس رودناڻي ۽ ايس ايڇ او غلام عباس ٻٻر ڌرڻي ۾ پهچي، مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ايس ايڇ او ڪڪڙ کي هٽائڻ ۽ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن تي داخل ڪيس خارج ڪرڻ ۽ شهر ۾ گشتي پوليس اهلڪار وڌائڻ وارن جائز مطالبن جي مڃڻ کانپوءِ اڍائي ڪلاڪن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرائي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button