لاهور: مسلم ليگ (ن) جي ميمبر پنجاب اسيمبلي حنا پرويز بٽ به قومي ٽيم لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي. حنا پرويز بٽ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته اميد آهي ته اسان جي ٽيم ٽورنامنٽ ۾ اڳتي به سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندي.
هن چيو ته بابراعظم بهترين ڪپتانيءَ سان ٽيم جي اڳواڻي ڪئي آهي، اميد آهي ته شاهين آفريدي گذريل ميچن وانگر سٺي بالنگ ڪندو. (ن) ليگ جي ميمبر اسيمبلي وڪيٽ ڪيپر محمد رضوان کي پنهنجو پسنديده رانديگر قرار ڏئي ڇڏيو.