سنڌ

رستم ويجهو پراڻي خوني تڪرار تان فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل

رستم ويجهو جتوئي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار تان فائرنگ ۾ وڌيڪ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو. ڪارنهن الزام تان شروع ٿيندڙ هن خوني تڪرار ۾ چئني ڌرين جا 25 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. رستم ويجهو ڳوٺ فضلي جتوئي ۾ 9 مهينا اڳ ڪارنهن الزام هيٺ وحيد ڪمالاڻي ۽ حسينا سعدخاناڻي کي سعدخاناڻي برادري جي ماڻهن قتل ڪري ڇڏيو هو، ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪرڻ بعد شروع ٿيل جهيڙي ۾ ماٺار نه اچي سگهي. گذريل ڏينهن سعدخاناڻي، عطراڻي ۽ ڪمالاڻي برادري جي ماڻهن جديد هٿيارن سان هڪٻئي مٿان مورچابند ٿي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪمالاڻي برادري جو هڪ ڄڻو متو پٽ الهندو ڪمالاڻي موقعي تي قتل ٿي ويو. جڏهن ته 9 مهينن دوران عطراڻي، سعدخاناڻي، گهوراڻي ۽ ڪمالاڻي برادري جي چئني ڌرين جا ٻارڙن، عورتن ۽ مردن سميت 25 ڄڻا گوليون جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button