سنڌ

ارڙي ۽ روبيلا کان بچڻ لا ٻارڙن کي ٽڪا لڳرايو:اي ڊي سي لاڙڪاڻو

لاڙڪاڻي ۾ ارڙي ۽ روبيلا کان بچڻ لاءِ 15 نومبر کان 27 نومبر تائين 9 مهينن کان 15 سالن کان گھٽ عمر جي سڀني ٻارن کي ارڙي ۽ روبيلا جا ٽڪا لڳرائڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون سونيا ڪليم چيو ته هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ صحت کاتو، سول سوسائيٽي، آفيسرن ۽ عام شهرين جو فرض آهي ته اوهان وڌ کان وڌ عوام ۾ اهو شعور اجاگر ڪريو ته جيئن ڪووڊ سان گڏ هن بيماريءَ کان بچڻ لاءِ 9 مهينن کان 15 سالن جي ٻارڙن تائين حفاظتي ٽڪا لڳرائين ته جيئن هيءَ بيماري ڦهلجي نه سگھي. ان موقعي تي ڊائريڪٽر هيلٿ ڊاڪٽر رستم ڀٽو چيو ته هيءَ مهم پوري ملڪ ۾ 15 نومبر کان 27 نومبر تائين جاري رهندي. هن چيو ته هي هڪ وائرس آهي جيڪو بيماري پيدا ڪري، جيڪڏهن هن بيماري کان بچڻ لاءِ ويڪسين نه ڪرائي ويندي ته اها ڦهلجي ويندي. ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي 9 مهينن کان 15 سالن جي ٻارن تائين ويڪسين ڪرائي وڃي ته جيئن اهي ان بيماري ۾ وچڙڻ کان بچي سگھن. ايم ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ڊاڪٽر عبدالستار شيخ چيو ته هتي موجود علماءُ سڳورن، استادن، شاگردن، عورتن، ليڊي هيلٿ ورڪرس ۽ صحت کاتي سان گڏو گڏ عام ماڻهن کي اهو چوندس ته هن مهم کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ اوهان وڌ کان وڌ ڪوشش ڪريو، ته جيئن ان عمر جو ڪو ٻار ويڪسين لڳرائڻ کان رهي نه سگھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button