سنڌ

قمبر ۾ جي يو آئي جو فهميده سيال جي قتل ۽ ڪلام پاڪ کي گولي هڻڻ خلاف ڌرڻو

قمبر خيرپور جوسو واقعي ۾ ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد شهيد اسراڻ پاران مقتولا فهميده سيال جي قتل ۽ ڪلام پاڪ کي گولي هڻي شهيد ۽ بي حرمتي خلاف جي يو آ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي سڏ تي انڊس هاءِ وي روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. جڏهن ته ڪراچي حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن حافظ عزير گل جاگيراڻي، گل انقلابي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته ايم پي اي گهنور اسراڻ ۽ سندس پي شهيد اسراڻ قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪري ڪروڙين مسلمانن جي دل آزاري ڪئي آهي، هن ملڪ ۾ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ يا وري ملڪ جي جهنڊي جي بي حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آ آر داخل ٿي سگهي ٿي ۽ سزائون به ڏنيون وڃن ٿيون پر قرآن پاڪ جي بي حرمتي ڪندڙ خلاف ايف آ آر داخل نه پئي ڪئي وڃي. هنن چيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي پوليس وڏيرن جي ڪمداري وارو ڪردار ادا ڪندي الله پاڪ کي ناراض ڪري رهي آهي. ڪلام پاڪ جي حرمت تان اسين سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button