سنڌ

ميرو خان ۾ ڳوٺاڻن جو اسسٽنٽ مختيارڪار خلاف احتجاجي مظاهرو

ميرو خان ويجهو ڳوٺ ڀائي خان مستوئي جي ڳوٺاڻن اسسٽنٽ مختيارڪار سجاول جوڻيجو عبدالحق مگسي ۽ ايس ايڇ او مير احمد تونيو جي مبينا زيادتين خلاف پنجابي لاڙي وٽ ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي ڌرڻو هنيو. هنن دانهيندي چيو ته 73 ايڪڙ زرعي زمين جو کاتو ۽ مڪمل رڪارڊ هجڻ باوجود اسسٽنٽ مختيارڪار عبدالحق مگسي رڪارڊ ۾ ڪوڙي داخلا رکرائي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هنن. چيو ته اهڙي معاملي جي انڪوائري ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ سمير نور چنو پاڻ ڪري چڪو آهي جنهن اسان جي زمين جي رڪارڊ کي درست قرار ڏئي ايس ايڇ او سجاول جوڻيجو کي اسان کي تحفظ ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. هنن چيو ته ايس ايڇ او مير احمد نواز تونيو اسسٽنٽ مختيارڪار عبدالحق مگسي کان مبينا رشوت وٺي اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ۽ هڪ لک رشوت گهري رهيو آهي، جيڪا نه ڏيڻ تي لابارو نه ڪرڻ ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button