سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن ملازمه جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسڻ پاپوليشن کاتي جي ملازمه اڳوڻي مڙس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي عورت سيما ٻٽ دانهيندي چيو ته 12 سال اڳ شادي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي اسلم شاهه سان ٿي هئي، جنهن مان پٽ جي اولاد آهي، مڙس شادي بعد بيگناھه تشدد ڪندو هو، ڪجهه سال اڳ طلاق ٿي چڪي آهي ان باوجود هو گهر اچي مونکان پئسا، گهر ۽ پٽ واپس ڪرڻ لاءِ تنگ ڪندو رهي ٿو، اڄ جيئن ئي ڊيوٽي تان واپس موٽيس ته گهر ٻاهران اڳوڻي مڙس اسلم شاهه لٺيون هڻي تشدد جو نشانو بڻايو، اهڙي دانهن دڙي ٿاڻي تي ڏني پر پوليس ڪا ڪارروائي نه ڪئي، ويتر اڳوڻو مڙس قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اڳوڻي مڙس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button