سنڌ

لاڙڪاڻي مان ڏيڍ مهينو اڳ کنڀيل ڪارن جو ڊيلر گهر پهچي ويو

لاڙڪاڻي مان مان ڏيڍ مهينو اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل ڪارن جو ڊيلر دلبر شيخ آزاد ٿي گهر پهچي ويو، جنهن پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف ڀيڻ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي دلبر شيخ دانهيندي چيو ته پوليس اهلڪارن راجا ماڇي، نظام ماڇي ۽ جاني ماڇي معرفت شفيع پٺاڻ ۽ حفيظ پٺاڻ وارن کان 7 گاڏيون خريد ڪيون هيون، جيڪي چوري جون نڪتيون ته مان کين واپس ڪيون، بدلي ۾ هنن هڪ ويزل گاڏي ۽ رهيل 90 لک جلد واپس ڪرڻ جو واعدو ڪيو پر پئسا ڏيڻ بدران هنن 4 ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪيو، 27 سيپٽمبر تي لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ پوليس ۽ ڪراچي پوليس سميت بااثر شفيع پٺاڻ، حفيظ پٺاڻ، جاني ماڇي، نظام ماڇي ۽ راجا ماڇي وارن گهران کنڀي ڏيڍ مهيني تائين قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو، اڄ صبح جو اکين تي پٽيون ٻڌي ڪار ۾ کڻي ايئرپورٽ روڊ انڙ پيٽرول پمپ وٽ ڦٽو ڪيو ويو، جنهن بعد مان ٿاڻي تي پهچي پوليس کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button