سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پورهيت جو اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني واسين سينٽرل جيل لاڙڪاڻي جي اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پورهيت نادر سولنگي پنهنجي ڀائرن سڪندر، لطف، طارق، ڀائٽي برڪت علي، سئوٽ علي جان سولنگي ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل فيبروري جي 6 تاريخ تي اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ لياقت پيرزادو کي 65 لک عيوض 2 جڳهيون وڪرو ڪري ڏنيون هيون، هن مونکي 46 لک ڏنا ۽ باقي 19 لک ايگريمينٽ جي ٻن مهينن دوران ادا ڪرڻي هئي پر هن وقت تائين رهيل 19 لک ناهن ڏنا ويا، جنهن ڪري مجبور ٿي ايگريمينٽ جي لکت موجب ڪالهه پنهنجا گهرڀاتي ساڻ ڪري پنهنجي جڳهن ۾ وڃي ويٺو آهيان. هن الزام لڳايو ته گهرن ۾ ويهڻ بعد اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ جيل جو عملو توڙي پرائيويٽ ماڻهو ساڻ ڪري منهنجي گهرن تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪندي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي. هوڏانهن اڳوڻي جيل سپرنٽينڊنٽ لياقت پيرزادو ٻڌايو ته نادر سولنگي پاران لڳايل الزام بي بنياد آهن، ڄاڻايل جڳهھ منهنجي پٽ زيگم علي پيرزادو ورتي آهي ۽ نادر سولنگي کي سموري رقم ملڻ بعد هن پڪي لکت ڪري ڏني آهي، ان باوجود هو وڌيڪ 19 لک گهري رهيو آهي، جيڪي نه ڏيڻ تان هن جڳھه تي قبضو ڪيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button