سنڌ

لاڙڪاڻي واسي جهوني جيالي جو علاج نه ڪرائڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي جي يوسي 16 مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي جهوني جيالي طرفان سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ سان گڏ مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي پ پ جي جهوني جيالي 73 ورهين جي پيرسن غلام دستگير ڀٽو دانهيندي چيو ته مان 1967ع کان پيپلزپارٽي جو ميمبر آهيان، اڄ به شهيد ذوالفقار ڀٽو پاران مونکي ڏنل 25 پيسن وارو ميمبر شپ فارم موجود آهي ۽ مان سڄي عمر پارٽي جي خدمت ڪندي گذاري آهي. هن چيو ته 9 مهينا اڳ اڌ رنگ جي سٽ آئي، جنهن ڪري گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهيان، اهڙي صورتحال بعد پارٽي جي مقامي ۽ صوبائي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪري علاج سان گڏ مالي سهائتا جو چيو آهي پر اڳواڻن منهنجي مدد ناهي ڪئي ۽ ڌڪا ڏئي واپس موٽائي ڇڏيو آهي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button