اسلام آبادپاڪستان

چئن هفتن ۾ سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪنداسين:فواد چوڌري

اسلام آباد :وزيراعظم عمران خان طرفان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ بعد وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آھي تھ وزيراعظم عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي آئين ۽ قانوني جي حڪمراني جو ثبوت ڏنو. پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي ادارن جو احترام ڪندي آهي، وزيراعظم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي عدالتي حڪم تي عمل جو مظاهرو ڪيو. وفاقي وزير فواد چوڌري وزيراعظم جي پيشي وقت سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون. فواد چوڌري چيو آهي ته اي پي ايس سانحي ۾ انٽيليجنس ناڪامي بعد کنيل قدمن سان ملڪ ۾ دهشتگردي ختم ڪئي وئي. نيشنل ايڪشن پلان بعد اسان جي زندگي معمول تي آئي. چئن هفتن ۾ عدالتي حڪمن تي عمل ڪري سپريم ڪورٽ ۾ رپورٽ پيش ڪنداسين. هن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جن تي اخلاقي ذميوار ٿئي ٿي، انهن جو 4 هفتن ۾ تعين ڪيو وڃي، حڪومت ان معاملي کي اڳيان وٺي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button