اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا وگهي وڌيڪ 8 ڄڻا فوت،فوتين جو انگ 28 هزار 566 ٿي ويو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 8 مريض فوت ٿي ويا آهن، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 566 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 78 هزار 114 ٿي ويو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 554 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا. پنجاب ۾ 4 لک 41 هزار 378، سنڌ ۾ 4 لک 72 هزار 519، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 78 هزار 773، بلوچستان ۾ 33 هزار 356، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 395، اسلام آباد ۾ هڪ لک 7 هزار 196، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 495 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. سموري ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 12 لک 31 هزار 524 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 128 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button