سنڌ

نوابشاهه ۾ معذور ڪوٽا تي عمل نه ٿيڻ ۽ بدامني خلاف ڳوٺاڻن جي بک هڙتال

نوابشاهه جي معذورن پاران ڪوٽا تي نوڪريون نه ملڻ واري عمل خلاف نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ڏهين ڏينهن به عبدالڪريم چانڊيو، مدد علي بروهي، نور علي بروھي، دلمراد مري، نويد راجپوت، انور بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 8هين ڏينھن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته گذريل پنجن سالن کان مختلف سرڪاري ادارن ۾ معذوري ڪوٽا تي نوڪري لاءِ درخواستون ڏئي ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، پر ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي. هنن اختيارين کان واهر جي اپيل ڪئي. جڏهن ته تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميان شورا ۾ بدامني خلاف پير ناصرالدين، پير مظھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک هڙتال ڪندي چيو ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ چورين ۽ ڦرن جو آزار آهي، چورن کي بااثر وڏيرن جي حمايت حاصل آھي، جنھن ڪري حد جي پوليس انھن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري. ھنن آ جي سنڌ، ڊي آ جي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته کڏھر ٿاڻي جي حد ۾ امن امان بحال ڪرائي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button