اسلام آبادپاڪستان

جوابدار ڳالهين جي ميز تي وٺي آيا،ڇا ٻيهر سرينڊر ڪري رهيا آهيون:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد:سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ايس سانحي بابت ڪيس جي شنوائي دوران جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته ميڊيا رپورٽن موجب توهان ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪرڻ وڃي رهيا آهيو، جن انهن ٻارن کي شهيد ڪيو، اسان ساڻن ڳالهيون ڪري شڪست کائي ٻين دستاويز تي صحيحون ڪرڻ ته نه پيا وڃون؟ جسٽس قاضي امين رمارڪس ڏنا ته توهان ٽي ايل پي سان به معاهدو ڪيو ۽ جن احتجاج دوران 9 پوليس اهلڪارن کي شهيد ڪيو، ته ڇا انهن اهلڪارن جون حياتيون اسان کان گهٽ قيمتي آهن؟ ان تي عمران خان چيو ته ان معاملي کي افغانستان جي پس منظر ۾ ڏسڻو پوندو، 80 هزار ماڻهو ان جنگ ۾ ماريا ويا، انهن بابت به عدالت ڪو حڪم ڏي. جسٽس قاضي امين چيو ته مظلوم جي ساٿ ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته ظالم خلاف ڪارروائي ٿئي، ڇا اسان ٻهير ڳالهيون ڪري سرينڊر ڪري رهيا آهيون. فوج جا جيڪي ان وقت ڪرتا ڌرتا هئا، اهي مراعتون وٺي رٽائرڊ ٿي ويا. چيف جسٽس چيو ته 7 سالن کان ڪا وڏي ڪارروائي نه ٿي، هاڻ ته بااختيار وزيراعظم آهيو. آخري آرڊر ۾ اسان باقاعدا نالا ڏنا هئا، انهن خلاف ڇا ٿيو؟ توهان اقتدار ۾ آهيو، حڪومت به توهان جي آهي، توهان ڇا ڪيو؟ انهن کي ڏوهارين کي توهان ڳالهين جي ميز تي وٺي آيا. جسٽس قاضي امين چيو ته ڇا اسان ٻيهر سندن سامهون سرينڊر ڪري رهيا آهيون؟ اٽارني جنرل جو چوڻ هو ته اسان پنهنجون سموريون غلطيون مڃون ٿا پر اعليٰ اختيارين خلاف ايف آ آڙ داخل نٿي ٿي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button