سنڌ

نوشهروفيروز ۾ مبينا مقابلي ۾ ماريل ٻن نوجوانن جي وارثن جا ڌرڻا

ڊي ايس پي مورو پاران مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي جي خون سان انصاف لا دادو، ڪراچي، ميهڙ، لاڙڪاڻو، سکر، شڪارپور، ماڇڪو، راڌڻ ۽ هڱورجا سميت مختلف شهرن جي رهواسين اسرار سولنگي، علي اصغر، مريد سولنگي، امداد حيدر، در محمد سولنگي، پپن سولنگي، انور سولنگي ۽ ايڊووڪيٽ امير سولنگي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻا هنيا ويا. مظاهرين ڊي ايس پي حميد پنهور خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. ڌرڻي خطاب ڪندي چيو ته ڊي ايس پي مورو حميد پنهور ابڙان ٿاڻي جي حد ۾ پوليس گردي جو مظاهرو ڪندي اطهر سولنگي ۽ محب سولنگي کي جڙتو مقابلي ۾ ماري سندن خاندان اجاڙي ڇڏيا آهن، ڊي ايس پي عدالت کان مٿانهان قتل ڪيا آهن، پر کائنس ڪير به پڇڻ وارو ناهي، پوليس مقابلي ۾ ماريل ٻنهي نوجوانن تي هڪ به ڪيس داخل نه هو. هنن وڌيڪ چيو ته ڊي ايس پي خلاف سنڌ ها ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. ٻئي طرف ايس ايس پي نوشهروفيروز عبدالقيوم پتافي مظاهرين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائي ڳالهيون ڪيون ۽ کين يقين ڏياريو ته جيڪڏهن پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان بيڏوهي هوندا ته انهن جي وارثن سان انصاف ٿيندو، باقي ڊي ايس پي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو هن وٽ اختيار ناهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button