اسلام آبادپاڪستان

گڏيل اجلاس ملتوي ڪري ڀڄڻ حڪومت جي گهٻراهٽ جو ثبوت آهي:بلاول

اسلام آباد :پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اپوزيشن ميمبرن جي ملاقات سان حڪومت گهٻرائجي وئي ۽ انهن جي گهٻراهٽ جو ثبوت اڄ گڏيل اجلاس ملتوي ڪري ڀڄڻ آهي. پ پ چيئرمين طرفان قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ اپوزيشن جي سڀني ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر جو اهتمام ڪيو ويو. بلاول ڀٽو زرداري طرفان اپوزيشن ميمبرن کي اعزاز ۾ ڊنر سينيٽ جي بينڪوئيٽ هال ۾ ڏنو ويو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جا ٿورا، جنهن اپوزيشن کي هڪ پيج تي گڏ ڪيو، جڏهن ته اسان حڪومت جي اتحادين سان به رابطا ڪيا آهن. هن چيو ته اپوزيشن جي هڪ ٿيڻ سان حڪومت کي ڪالهه شڪست ملي، اڄ به اپوزيشن جي اتحاد سبب حڪومت کي گڏيل اجلاس مان ڀڄڻو پيو. سندس چوڻ هو ته عوام جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي، پيٽرول جا اگهه آسمان کي ڇُهي رهيا آهن، اهو ڏينهن به ڏٺوسين جو کنڊ پيٽرول کان مهانگي ٿي وئي آهي. پ پ چيئرمين چيو ته هي ڪهڙي قسم جو پاڪستان آهي، هي مهانگو پاڪستان آهي، عام ماڻهو هن وقت پراڻو پاڪستان چاهي ٿو. ڊنر تقريب ۾ خورشيد شاهه، شيري رحمان، يوسف رضا گيلاني، راجا پرويز اشرف، نويد قمر، شازيا مري، خواجا آصف، محسن داوڙ، هدايت الله، اعظم نذير تارڙ، اسعد محمود، آغا حسين بلوچ، سردار محمد شفيق ترين ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button