سنڌ

نوشهروفيروز ۾ ٽائون ملازمن جي هڙتال سبب گندگي جا ڍير

نوشهروفيروزٽائون ڪاميٽي جي ملازمن پاران 2 ڏينهن کان ٻهارا ڇڏ هڙتال سبب شهر جا روڊ رستا گندي پاڻي ۽ گندگي سان ڀرجي ويا، جڏهن ته ملازمن ٽائون ڪاميٽي کي تالا هڻي پگهارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڪشن راجا، مولابخش شيخ، عمران علي راڄپر، سليم لنڊ، جاويد شيخ، محبوب شيخ ۽ ٻين چيو ته 10 ڏينهن گذرڻ باوجود ملازمن کي پگهار ناهي ملي سگهي، جنهن ڪري ملازم پريشان آهن، دڪاندارن ملازمن کي سودو ڏيڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملازمن جي گهر جي چلهه ٻرڻ مشڪل بڻيل آهي. هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ٽي ايم او کي هٽائي ملازمن کي پگهارون جاري ڪيون وڃن نه ته احتجاج جاري رهندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button