اسلام آبادپاڪستان

حڪومتي اتحادين جو چونڊ سڌارا بل تي اعتراض،پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس ملتوي

اسلام آباد :وفاقي حڪومت پارليامينٽ جو اڄ گهرايل گڏيل اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، چونڊ سڌارن جي بل تي اسپيڪر اسد قيصر کي هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن سان رابطا ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. بل تي حڪومت ۽ اتحادين وچ ۾ اتفاق را نه ٿيڻ تي اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي. ق ليگ جي وفاقي وزير طارق بشير چيما جو چوڻ آهي ته وزيراعظم اعتماد ۾ وٺي ها ته اڄ ائين نه ٿئي ها. اسان جي پارٽي آهي، اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، اڳ ۾ اسان ڪنهن حڪومتي بل جي مخالفت ناهي ڪئي، پارٽي جي اجلاس ۾ موجودا قانونسازي تي مشاورت ڪنداسين. جڏهن ته اسپيڪراسد قيصر جو چوڻ آهي ته موجودا قانونسازي تي سمورين پارٽين کي گڏ وٺي هلڻ چاهيون ٿا، اميد آهي ته اپوزيشن ملڪ جي بهتري لا سڌارن ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيندي، گڏيل اجلاس ٻيهر گهرايو ويندو. جڏهن ته سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ٽوئيٽ ڪندي چيو ته چونڊ سڌارا ملڪ جي مستقبل جو معاملو آهي، اسان نيڪ نيتي سان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته انهن معاملن تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته اتفاق راءِ جي حوالي سان اسپيڪر اسد قيصر کي اپوزيشن سان هڪ ڀيرو ٻيهر رابطو ڪرڻ جو چيو ويو آهي ته جيئن هڪ گڏيل چونڊ سڌارن جو بل آڻي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ان مقصد لاءِ ملتوي ڪيو پيو وڃي ۽ اسان کي اميد به آهي ته اپوزيشن انهن اهم سڌارن تي سنجيدگي سان غور ڪندي ۽ اسان پاڪستان جي مستقبل لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪري سگهنداسين. فواد چوڌري چيو ته ائين نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سڌارن کان پوئتي نه هٽنداسين. واضح رهي ته وفاقي حڪومت ڪلڀوشن سميت ٻين معاملن تي قانون سازي لاءِ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 11 نومبر تي طلب ڪيو هو. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان پاران وزيراعظم هائوس ۾ پارليامينٽ ميمبرن جي مان ۾مانجهندو ڏنو ويو، جنهن ۾ وفاقي وزير پي ٽي آئي ميمبر ۽ اتحادي ميمبر اٽڪل 150 کان وڌيڪ ميمبر شريڪ ٿيا ۽ وزيراعطم سمورن ميمبرن کي موجوده صورتحال ۽ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ پيش ٿيندڙ بلن تي اعتماد ۾ ورتو ۽ سمورن ميمبرن کي گڏيل اجلاس ۾ لازمي اچڻ جي هدايت ڪئي. پارليامينٽ ميمبرن کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڳجهي ڳڻپ ۾ پئسو هلي ٿو، ان لاءِ اپوزيشن حمايت ڪري ٿي. سياست ۾ اچي ماڻهو پنهنجي ذات لاءِ ڪم ڪن ٿا، قائداعظم جو خواب هو ته پاڪستان هڪ عظيم ملڪ بڻجندو. يورپ ۾ جمهوريت جو بنياد اخلاقي قدر آهن، جرمني ۽ جاپان جي اخلاقيات اڄ به قائم آهن. چونڊن کي تڪراري بنائڻ کان بهتر آهي ته چونڊ سڌارا آندا وڃن. قانونسازي ذاتي يا سياسي فائدن لاءِ نه پيا ڪيون، چونڊ سڌارن تي قانونسازي جمهوري نظام لا ضروري آهي.وزيراعظم چيو ته اسان اي وي ايم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن چونڊون شفاف ٿين. اليڪشن ڪميشن اي وي ايم جي ڇو مخالفت ڪئي. اي وي ايم مشين آڻڻ سان اسان کي ڪهڙو فائدو ٿيندو. عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن لاءِ پئسو وٺڻ جي ويڊيوز ڏيکارڻ باوجود ڪجهه نه ٿيو، ڌانڌلي ختم ڪرڻ جو هڪ ئي طريقو آهي ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين آڻيون. وزيراعظم چيو ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي، جيڪي تبديلي نه پيا چاهين پر اسان آڻينداسين، ايندڙ نسلن لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻ چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button