رانديون

ويرات ۽ انوشڪا جي معصوم ڌي سان جنسي زيادتي جي ڌمڪي ڏيندڙ گرفتار

ممبئي: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ۽ اداڪارا انوشڪا شرما جي 10 مهينن جي ڌيءَ واميڪا کي جنسي زيادتي جي ڌمڪي ڏيندڙ کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب 9 نومبر تي ممبئي پوليس ڀارت جي شهر حيدرآباد مان رامنگيش شرينواس نالي هڪ شخص کي گرفتار ڪيو، جنهن کي ممبئي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽر جي ڌيءَ کي جنسي زيادتي جي ڌمڪي ڏيڻ کانپوءِ دهلي جي عورت ڪمشنر طرفان هن شخص کي فوري طور تي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو هو.

واضح رهي ته ٽي-20 ورلڊڪپ ۾ پاڪستان هٿان ڀارت جي شڪست کانپوءِ هندو انتهاپسند ڀارتي ٽيم جي مسلمان ڪرڪيٽر محمد شامي تي تنقيد ڪري رهيا هئا، جنهن جي حمايت ۾ ويرات ڪوهلي آواز اٿاريو هو. بعد ۾ انتهاپسندن پنهنجون بندوقون ويرات ڪوهلي تي ڦيرايون ۽ سندس معصوم ڌيءَ کي به نه ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button