پاڪستانسنڌ

جده ويندڙ قومي ايئرلائن جي اڏام ملتوي، عمري لا ويندڙ زائرين جو احتجاج

ڪراچي: جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان جده ويندڙ قومي ايئرلائن جي اڏام ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ملتوي ٿي وئي، عمري لا ويندڙ زائرين احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا. ڪراچي کان جده ويندڙ پي آءِ اي جي اڏام پي ڪي 731 فني خرابي سبب ڪيترائي ڪلاڪ دير جو شڪار ٿي وئي. ان موقعي تي عمرو ادا ڪرڻ لاءِ ويندڙ زائرين ڪراچي ايئرپورٽ تي احتجاج ڪيو.

مسافرن جو چوڻ هو ته ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڏام جي روانگي بابت ڪجهه به نه ٻڌايو پيو وڃي، ايئرپورٽ تي مسافرن ۽ عملي ۾ سخت ڇڪتاڻ پڻ ٿي. واضح رهي ته جهاز کي سومر جي شام جده لاءِ روانو ٿيڻو هو، جڏهن ته جهاز پي ڪي 731 جي بوئنگ 777 ۾ فني خرابي پيدا ٿيڻ کي 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button