اسلام آبادپاڪستان

ٽي ٽي پي کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ جي ڪوشش ڪنداسين:گهرو وزير

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير ڳالهين بدران دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي سوچ جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله آءِ جي اسلام آباد اڪبر ناصر خان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. وفاقي وزير چيو ته شهيد قوم جا محسن هوندا آهن ۽ سندن خون جي چمڪ سان قوم روشن ٿيندي آهي. اسلام آباد ڌماڪي جي شهيد عديل حسين جي پونئرن کي هڪ ڪروڙ رُپين جو چيڪ ڏنو ويو آهي. سوا ڪروڙ رُپيا رياست گهر جي مد ۾ به ادا ڪندي ۽ شهيد جي پگهار بيواهه کي سندس حياتي تائين سمورن الائونسز سان گڏ ملندي رهندي. هن چيو ته زخمي جوانن کي به قوم سلام پيش ڪري ٿي، جوانن جي ان ڪاوش سبب اسلام آباد وڏي نقصان کان محفوظ رهيو، اسلام آباد پوليس پهريان کان بهتر نموني پنهنجي ذميواري ادا ڪري رهي آهي، اسلام آباد پوليس جا سمورا جائز مطالبا پورا ڪيا ويا آهن. قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلي بابت گهرو وزير ٻڌايو ته نيشنل سيڪيورٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرينس جو فيصلو ٿيو، ڪنهن دهشتگرد جي سٺي خراب جو ڪو فرق ناهي رکيو ويو. سلامتي ڪميٽي ۾ آرمي چيف دهشتگردن خلاف زيرول ٽالرينس جو اظهار ڪيو ۽ ڳالهين بدران دهشتگردن خلاف ڪارروائي جي سوچ جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته آرمي چيف سي ٽي ڊي کي بهترين صلاحيتون ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ڪوشش آهي ته بندش پيل ٽي ٽي پي کي ڳالهين جي ميز تي آندو وڃي پر سڀ کان پهريون شرط آهي ته تحريڪ طالبان وارا هٿيار ڦٽا ڪن ۽ ملڪ جي قانون جي اثر هيٺ اچن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button