پاڪستانسنڌ

مسڻ وڏي ۾ اٽي جا اگهه وڌڻ خلاف ايس ٽي پي جي ريلي

مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن اڳوڻي بئنڪ کان ڪڻڪ جي کوٽ ۽ اٽي جي وڌندڙ اگھن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ۽ نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻ ذوالفقار لغاري، مرتضى لغاري، عمران ملڪ، ڪامريڊ غلام قادر لغاري ۽ ٻين چيو ته مهانگائي ماڻھن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي، غريب ماڻهو صرف رکي ماني کائيندو هو، موجوده حڪومت اٽي جو اگهھ وڌائي غريب ماڻهو جي منهن مان ماني جو گرھه به کسي ڇڏيو آهي. سنڌ حڪومت 65 رپيا ڪلو واري اگهھ تي عمل ڪرائي نه سگھي آهي، اٽي جو ڪلو 140 رپين کان 150 رپيا ڪلو وڪامڻ لڳو آهي. باقي اٽي جي لڳايل اسٽالن تي ماڻھن جي تذليل ڪئي ويندي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اٽي جو اگھه 65 رپيا ڪلو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button