پاڪستانسنڌ

ٿر ۾ اٽو 6 هزار مڻ ٿي ويو، ڇاڇري ۾ معصوم ٻارن جي ريلي

ڇاڇرو: ٿرپارڪر جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ به اٽي جو اگهه آسمان تي پهچڻ سبب غريب عوام سخت پريشان آهن. ڇاڇرو ۾ معصوم ٻارڙن، شهرين ۽ مزدورن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي مين چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ۽ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي مزدورن نيڻو ڀيل، ڪانجي ڀيل، هرچند، ڪيلاش ميگھواڙ، علي محمد، قربان نهڙي ۽ حاڪم ڀيل سميت ٻين چيو ته ٿر جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ اٽي جو في مڻ 6000 رپين تائين پهچي ويو آهي، غريب مسڪين ماڻهو ٻه ويلن جي ماني کان محروم ٿي ويا آهن، ظالم حڪمران غريب عوام تي مهانگائي جو بم ڪيرائي ظلم ڪري رهيا آهن، ٿر جي ڳوٺ ۾ هن وقت اٽو نه ملڻ ۽ بک ۽ بدحالي جي ڪري غريب ماڻهن پنهنجا معصوم ٻار بک تي ڏسي آپگهات ڪري رهيا آهن، ڇاڇرو ۽ ڏاهلي تعلقن جي ٿر جي ڳوٺن ۾ ڪٿي به سستي اٽي وارو اسٽال نه لڳل آهي، صرف ڇاڇرو شهر ۾ هڪ ڏينهن لاءِ سستي اٽي جو اسٽال لڳايو ويو، جيڪو هاڻ بند آهي، مهانگائي جي طوفان سبب غريب ماڻهن جو جيئڻ انتهائي مشڪل ڪري ڇڏيو آهي، ٿر جون حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، سڄي معاملي تي سنڌ سرڪار ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي. ٿرپارڪر ۾ ڪٿي به خوراڪ کاتي جي انتظاميا نظر نٿي اچي، نه ئي ڇاڇرو جي انتظاميا منظر تي آهي. شهرين ۽ مزدورن مطالبو ڪندي چيو ته سنڌ سرڪار اٽو سستو نه ڪيو ته سڄي سنڌ جا ماڻهو روڊن تي ايندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button