ڇاڇرو: ڇاڇري ويجهو ڳوٺ سمون رند جي ابراهيم پاڙي جي گرلس پرائمري اسڪول گذريل 20 سالن کان جهوپڙي ۾ هلڻ لڳو، بنا عمارت، فرنيچر ۽ تعليم کاتي پاران ماسترياڻي مقرر نه ڪرڻ باوجود ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪکائين چوئنري ۾ نياڻين کي تعليم ڏيارڻ لڳا آهن. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن لعل محمد رند، جيئندو خان رند، مرتضى، جلال قاسم ۽ ٻين چيو ته 2003ع ۾ سيمز ڪوڊ 406010514 سان پرائمري اسڪول منظور ڪيو ويو، پر اڄ تائين اسڪول لا عمارت ناهي ملي، فرنيچر نه هجڻ سبب معصوم ٻارڙيون پٽ تي ويهي تعليم پرائين پيون، ڪيترائي ڀيرا تعليم کاتي جي انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن، پر عملدار مدد نٿا ڪن، سوين نياڻين جي تعليم لاءِ هڪ ماسترياڻي رضاڪاراڻي طور پڙهائي رهي آهي. نياڻين جي والدين تعليم واري صوبائي وزير سردار علي شاهه کي اپيل ڪئي ته گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائڻ سان گڏ فرنيچر ڏنو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close