نئون ڪوٽ: نئون ڪوٽ ۾ ليبر مزدور يونين جي سڏ تي پورهيتن اٽي جي اگھن ۾ غير معمولي واڌ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد بينظير ڀٽو ڪارنر نئون ڪوٽ اڳيان مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ليبر مزودر اڳواڻ احمد علي گرگيز چيو ته 60 ھزار جي آبادي واري شھر ۾ ھڪ به سستي اٽي جو اسٽال ناهي لڳايو ويو، جنهن سبب پورهيت ۽ مزدور طبقو اٽو خريد نٿو ڪري سگهي، يوٽيلٽي اسٽور به سالـن کان بند آهي. هنن سنڌ سرڪار کان گهر ڪئي ته جلد شهر ۾ سستي اٽي جا اسٽال لڳائي اٽو فراهم ڪيو وڃي، نه ته 9 جنوري تي سخت احتجاج ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close