اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته اڳوڻي آرمي چيف جنرل رٽائرڊ قمر جاويد باجوا جنهن نموني عمران خان جي مدد ڪئي، اهو سڀني جي سامهون اچي رهيو آهي. جنرل باجوا ڪوشش ڪئي ته عمران خان جي ذريعي پاڪستان ترقي ڪري، عمران ناڪام ثابت ٿيو. عمران خان کان وڏو منافق ۽ پنهنجي محسن جي خلاف ويندڙ شخص ٻيو ناهي ڏٺو. ڪرتوت سڀني جي سامهون آهن. گارگند ۾ عمران خان جو ڪوئي مقابلو نه آهي. اسان جي برادر ملڪن جنهن پاڪستان جو هميشه ساٿ ڏنو، ان شخص سخت ناراض ڪيو. آئي ايم ايف ايندڙ هفتي وفد پاڪستان موڪلڻ جو چيو آهي. ڪالهه هزارا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪميٽي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهبازشريف چيو ته گذريل ڏينهن چيني وزيراعطم فون تي ٻڌايو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر چين جي دوري تي آئي هئي، جنهن کي اسان چيو ته پاڪستان اسان جو دوست نه پر برادر ملڪ آهي ته اوهان (آئي ايم ايف) به پاڪستان جو ساٿ ڏي. وزيراعظم چيو ته گذريل رات آئي ايم ايف جي مئنجنگ ڊائريڪٽر جو فون آيو، جنهن کي مون ٻڌايو ته گذريل حڪومت جيڪو معاهدو ٽوڙي ڇڏيو ۽ پاڪستان کي ڊيفالٽ تائين پهچائي ڇڏيو هو. اهو گڏيل حڪومت پورو زور لڳائي ان معاهدي کي مڪمل ڪيو ۽ اسان شرطن تي مڪمل عمل ڪنداسين. جڏهن ته غريب شهرين تي وڌيڪ بار نٿا وجهي سگهون ان ۾ اسان جي مدد ڪريو. وزيراعظم شهبازشريف چيو ته آئي ايم ايف سربراهه کي درخواست ڪئي ته پاڪستان ڊيفالٽ طرف نه پيو وڃي، اوهان پنهنجي ٽيم موڪليو ته جيئن اها جائزي کي مڪمل ڪري قرض جي قسط جاري ڪري، جنهن تي سربراهه جواب ڏنو ته ايندڙ ٽن چئن ڏينهن ۾ ٽيم پاڪستان پهچندي. هن چيو ته آئي ايم ايف سربراهه پڇيو ته پاڪستان جا دوست ملڪ خاص ڪري چين ۽ سعودي جي ڇا صورتحال آهي، جنهن تي مون کيس چيو ته اهي پاڪستان سان گڏ بيٺا آهن. وزيراعظم چيو ته گذريل حڪومت جهڙي طرح ٻين منصوبن ۾ غفلت ڪئي، اهڙي طرح گئس ۽ بجلي جي منصوبن ۾ به غفلت ڪئي. شهبازشريف چيو ته جڏهن ڪرونا وائرس آيو ته مارڪيٽ ۾ گئس جي قيمت في يونٽ 2 ڊالر هئي پر هي (عمران خان) شخص ٽنگ ٽنگ تي رکي ويٺو ڇو ته ان کي پاڪستاني عوام سان ڪائي دلچسپي نه هئي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هن شخص کي عوام سان لڳاءُ هجي ها ته گارگند ۽ انتقامي ڪارروائيون ظلم ۽ زيادتي ڇڏي عوامي خدمت جا منصوبا لڳائي ها. هن چيو ته مون ڪجهه ڏينهن اڳ سوچي سمجهي چيو هو ته مان پنهنجي زندگي ۾ (عمران خان) کان وڏو محسن ڪش، منافق ۽ ناشڪرو انسان ناهي ڏٺو ۽ ان جي ڳالهين ۽ تقريرن سان اها ڳالهه ظاهر ٿي رهي آهي ته ان کان وڏو محسن ڪش پاڪستان ۾ ناهي ڄائو. هن چيو ته جنهن شخص (قمر جاويد باوجوا) پوري قوت سان عمران نيازي کي اقتدار ۾ ويهاريو ۽ چئن سالن تائين پاڪ فوج جي اداري سموريون قوتون ۽ صلاحيتون ارپي ڇڏيون ته عمران نيازي ڪامياب ٿي وڃي ۽ يقينن ان جو خيال هو ته ان سان پاڪستان اڳتي وڌي ۽ ترقي ڪري.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close