اسلام آبادپاڪستان

نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر

اسلام آباد :سپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست شنوائي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ 10 جنوري 2023ع اڱاري تي درخواست تي شنوائي ڪندي. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ڪاز لسٽ موجب بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس منصور علي شاهه شامل آهن. ايندڙ شنوائي تي وفاقي حڪومت جي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجي دليلن جو آغاز ڪندو. واضح رهي ته نيب ترميم ڪيس ۾ عمران خان جي وڪيل خواجا حارث پنهنجا دليل مڪمل ڪري چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button