عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ آئي بي اي ٽيسٽ پاس استادن پگهارون نه ملڻ خلاف مظاهرو ڪيو. 10 مهينن کان پگهارون نه ٿيڻ خلاف استادن پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شمس مڱريو، شهاب الدين سومرو، گل بجير ۽ ٻين چيو ته مھانگائي جي دور ۾ اسان جا ٻار بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، پر سنڌ سرڪار اڃان تائين پگهارون جاري ناهن ڪيون، اسان تعليم کاتي جي لاڳاپيل عملدارن کي درخواستون ڏئي ٿڪجي پيا آهيون، پر اسان جي ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن صوبائي وزير سردار علي شاھه کان مطالبو ڪيو ته پگهارون جاري ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close