پاڪستانپنجاب

پرويز الاهي کي ڪرسي پياري، عمران خان ايم پي ايز کي استعيفا ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

تحريڪ انصاف پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي ناز نخرن جو توڙ ڳولي ورتو، عمران خان سمورن ايم پي ايز کي اسيمبلي نه ٽٽڻ جي صورت ۾ استعيفائون ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آ سربراهه اسيمبلي ميمبرن کي چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب اسيمبلي ٽٽڻ ۾ ڪا رنڊڪ وڌي وئي ته اهي استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ لاءِ تحريڪ انصاف نئين حڪمت عملي تيار ڪئي آهي، پارٽي جي سينيئر ليڊرشپ طرفان عمران خان کي صوبائي اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. ذريعن موجب عمران خان سڀني پارٽي ميمبرن کي هدايت ڪئي ته 11 جنوري کان اڳ اعتماد جي ووٽ کي يقيني بڻايو وڃي، جيڪڏهن اسيمبلي ٽٽڻ ۾ ڪا رنڊڪ وڌي وئي ته پي ٽي آءِ ميمبر استعيفيٰ ڏئي ڇڏين. واضح رهي ته پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 11 جنوري تي طلب ڪيو ويو هو پر پوءِ اجلاس جي تاريخ تبديل ڪري 9 جنوري رکي وئي. وڏي وزير پرويز الاهي پي ٽي آ جي اعلان جي ابتڙ اعتماد جو ووٽ نه وٺڻ جو بيان ڏئي معاملو ويتر منجهائي ڇڏيو، تنهن ڪري عمران خان نئين حڪمت عملي تحت اسيمبلي نه ٽٽڻ جي صورت ۾ استعيفائن وارو آپشن استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button