پاڪستان

پرويز الاهي اسان کي باجوا بابت موقف تان پوئتي هٽڻ لا نٿو چئي سگهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اعتماد واري ووٽ جي معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ اسان کي نيوٽرل نظر نٿي اچي، پرويز الاهي ۽ اسان اتحادي آهيون، جنرل باجوا بابت اسان ٻنهي جو الڳ الڳ موقف آهي، پرويز الاهي اسان کي پنهنجي موقف تان هٽڻ لا نٿو چئي سگهي. ڪورٽ رپورٽرز جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي عمران چيو ته اسان ان ڳالهه جي تياري ڪري رهيا آهيون ته 11 جنوري تي عدالت جيڪڏهن فوري طور اعتماد واري ووٽ لا چوي ٿي ته اسان تيار هجون، اعتماد واري ووٽ جي معاملي ۾ اسٽيبلشمينٽ اسان کي نيوٽرل نظر نٿي اچي، اسان جي ماڻهن سان رابطي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هيل تائين 3 ماڻهو ان حوالي سان ٻڌائي چڪا آهن، پرويز الاهي جو جنرل باجوا بابت الڳ موقف آهي ۽ اسان جو پنهنجو موقف آهي، هو اسان کي پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻ لا نٿو چئي سگهي، اسان جي ويڙهه اسٽيبلشمينٽ سان نه پر انصاف حاصل ڪرڻ لا آهي. هن وڌيڪ چيو ته چورن سان ڪي به ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪڏهن اقتدار ۾ آياسين ته فوري طور مڪاني چونڊون ڪرائينداسين، لوٽن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، انصاف جي ضرورت امير ماڻهو کي نه پر غريب کي هوندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button