پاڪستانعالمي

ڀارت ۾ سياسي تنظيم شهيد بينظير ڀٽو جون تصويرون لڳائي ڇڏيون،بي جي پي اڳواڻ مڇرجي پيا

ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ عورتن جي تنظيم آل انڊيا ڊيموڪريٽڪ وومينز ايسوسيئيشن شهيد محترمه بينظيرڀٽو جون تصويرون لڳائي ڇڏيون، جنهن تان هندو انتهاپسند مڇرجي پيا آهن. خبر موجب ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن کان پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي تصوير به برداشت نه ٿي، آل انڊيا ڊيموڪريٽڪ وومين ايسوسيئيشن جيڪا ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا (مارڪسسٽ) آهي، تنظيم جي عورتن واري شاخ پنهنجي ايندڙ قومي ڪانفرنس جي سرورق (مين پيج) طور محترمه بينظير ڀٽو جي تصوير استعمال ڪئي، جڏهن ته تصوير سان گڏ وڏا وڏا هورڊنگ به لڳايا ويا آهن، جنهن ۾ ايڊوا ڪانفرنس جو متن لکيل آهي. بينظير ڀٽو جي تصوير جي اڳيان لکيل آهي ته “پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو، جنهن کي هارورڊ يونيورسٽي سميت 9 يونيورسٽين ڊاڪٽريٽ جون اعزازي ڊگريون پڻ ڏنيون، تصوير جي هيٺان بينظيرڀٽو اسڪوائر جو ذڪر پڻ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڀارتيا جنتا پارٽي (بي جي پي) جي ڪيرالا يونٽ جي ترجمان سنديپ وچاسپتي شهيد بينظيرڀٽو جي تصوير لڳائڻ تان ردعمل ڏيندي ٽوئيٽر تي مذمت ڪئي. هن لکيو ته لڪيل خطرن ۽ غدارن کي سڃاڻڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button