پاڪستان

نواز شريف مهيني اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نواز شريف کي مسلم ليگ (ن) جو تاحيات سربراهه چونڊڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، ان حوالي سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف هڪ مهيني اندر انٽرا پارٽي چونڊون ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب مسلم ليگ (ن) جي انٽرا پارٽي اليڪشن لاءِ آئين ۾ تبديلي لا سينيئر اڳواڻ احسن اقبال ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت نواز شريف کي پارٽي جو تاحيات سربراهه چونڊيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف پارٽي ۾ اهم تنظيمي تبديلين جو ٽاسڪ مريم نواز کي ڏنو آهي ۽ چيف آرگنائيزر طور هو پارٽي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ ۽ تنظيمي تبديلين لا صدارتي اختيار به استعمال ڪري سگهي ٿي. مريم نواز جي وطن واپسي بعد پارٽي جي تنظيمي ڍانچي ۾ تبديلي لاءِ اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button