پاڪستانپنجاب

عمران خان پنجاب ۾ اعتماد وارو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي لا اعتماد جو ووٽ 9 بدران 11 جنوري تي وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر ان کي عدالتي فيصلي سان مشروط بڻايو ويو آهي. زمان پارڪ لاهور ۾ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آ سربراهه عمران خان جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي اعتماد واري ووٽ تي صلاح مشورو ڪيو ويو، ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن تجويز ڏني ته اسان جا ميمبر پورا آهن، تنهن ڪري اعتماد جو ووٽ 11 جنوري تي عدالتي فيصلي کانپو ورتو وڃي. ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته اعتماد جو ووٽ عدالتي فيصلي سان مشروط ڪيو وڃي. اعتماد جي ووٽ جي لاءِ گورنر جي حڪم جي ڪابه آئيني حيثيت نه آهي. ذريعن موجب قانوني ماهرن عمران خان کي راءِ ڏني آهي ته جيڪڏهن عدالتي فيصلي کان اڳ اعتماد جو ووٽ وٺندو ته گورنر جو آرڊر آئيني ٿي ويندو، اعتماد جو ووٽ وٺڻ بعد فوري طور اسيمبلي ٽوڙي وڃي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته امپورٽيڊ ٽولي کي اليڪشن کان ڀڄڻ نه ڏبو، سازشي ٽولو اسلام آباد کانپو هاڻي ڪراچي جي مڪاني چونڊن کان به ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، هنن کي خبر آهي ته عوام کين مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيندو. عمران خان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عدالت چوندي ته اعتماد جو ووٽ وٺنداسين، جنهن بعد اسيمبلي ٽوڙي ڇڏينداسين، صوبائي اسيمبلي ۾ اعتماد جي ووٽ کانپو اسان اليڪشن لا عوام وٽ وينداسين، ڇاڪاڻ ته ملڪ جي مسئلن جو حل نيون چونڊون آهن ۽ عوامي مينڊيٽ ذريعي ايندڙ حڪومت ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي. هوڏانهن عمران خان صوبائي وزيرن کي پنجاب اسيمبلي ۾ اعتماد جو ووٽ ۽ ايندڙ اليڪشن لا تيارين جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button