پاڪستانپنجاب

پنجاب ۾ ڪڻڪ جو بحران برقرار، اٽو وڌيڪ 10 رپيا مهانگو

ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي پنجاب ۾ به ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران برقرار آهي، صوبائي حڪومت سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا 21 هزار ٽن مان وڌائي 23 هزار ٽن ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي خوراڪ واري کاتي لاهور ۾ اٽي جي کوٽ ختم ڪرڻ لا ڪڻڪ جي ڪوٽا 4900 ميٽرڪ ٽن مان وڌائي 5 هزار 400 ٽن ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جو اگهه 5200 رپيا في مڻ تي پهچي ويو آهي. ٻئي طرف لاهور شهر ۾ چڪي مالڪن اٽي جي اگهه ۾ وڌيڪ 10 رپيا واڌ ڪري ڇڏي، جنهن بعد في ڪلو اٽو 160 رپيا وڪرو ٿي رهيو آهي، ذريعن موجب لاهور ۾ چڪي مالڪن ٻن مهينن اندر لڳاتار اٺون ڀيرو اٽي جو اگهه وڌايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button