پاڪستانسنڌ

اٽي خاطر زندگي هلي وئي، پورهيت لتاڙجي فوت

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص ۾ سستي اٽي خاطر زندگي هلي وئي، اسٽال تان رش دوران اٽو وٺڻ جي ڪوشش ڪندڙ پورهيت لتاڙجي فوت ٿي ويو. 3 عورتون به زخمي ٿي پيون. وارثن پورهيت جو لاش رکي ڌرڻو هنيو. مختلف شهرن ۾ اٽو مهانگو وڪرو ٿيڻ خلاف مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص شهر جي مالھي ڪالوني جو رھواسي 45 سالن جو پورهيت ھرسنگ ڪولھي گلستان بلديا پارڪ ۾ سنڌ سرڪار جي اعلان بعد خوراڪ کاتي طرفان لڳندڙ سستي اٽي واري اسٽال تي رش سبب بدنظمي ٿي پئي، جنهن دوران ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙجي پورهيت هرسنگ ڪولهي فوت ٿي ويو، جنھن کي ڪيتري ئي دير بعد ھجوم کي ھڪ پاسي ڪري ماڻھن ٻاھر ڪڍيو، رش ۾ 3 عورتون به زخمي ٿي پيون. ٻڌايو پيو وڃي ته عورتن جون ڄنگهون ڀڃي پيون آهن. واقعي بعد فوتي جي وارثن توڙي علائقي واسين پريس ڪلب اڳيان پورهيت جو لاش رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي اکين ڏٺن شاھدن ٻڌايو تھ ھرسنگ اٽو وٺڻ لاءِ جيئن ئي ماڻھن جي ھجوم ۾ داخل ٿي اٽي جي ڀريل مزدا تي چڙھيو تھ ھيٺ ڪري پيو ۽ بعد ۾ ماڻھن جي پيرن ھيٺان لتاڙجي فوت ٿي ويو. ھوڏانھن 3 ڪلاڪن بعد ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ مظاهرين وٽ پھتو. فوتي جي وارثن سان ڳالهائيندي ڊي سي زين العابدين ميمڻ چيو ته واقعي تي افسوس ٿيو آهي. واقعو خوراڪ کاتي جي نااهلي سبب پيش آيو، جيڪڏهن اسان کي خوراڪ کاتي پاران پھرين ٻڌايو وڃي ھا ته اٽي جي فراهمي دوران پوليس جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ھا، پر ھي واقعي جو ڪارڻ خوراڪ کاتي جا عملدار آھن، واقعي جي جاچ ڪري ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته فوتي جي خاندان جي مڪمل مالي سهائتا ضلعي انتظاميا ڪندي. اهڙي خاطري باوجود وارثن لاش کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته جيستائين ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، تيستائين لاش نه کڻنداسين. هوڏانهن ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهيو، جتي وڪيل به پهچي ويا. ان موقعي تي وڪيل آسن داس ڀيل ۽ سترام سوناڻي چيو ته واقعو ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب پيش آيو آهي، پر ڊي سي وارثن کي لالچ ڏئي لاش کڻڻ جو چيو، جيڪو افسوسناڪ عمل آهي، اسان وارثن سان گڏ آھيون. ھنن چيو ته وارثن جي مطالبي موجب ضلعي انتظاميا، خوراڪ کاتي جي عملدارن ۽ مل مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي، نه ته اسان ڪورٽ ۾ وينداسين. فوتي جي ڀا جيون ڪولھي دانھيندي چيو ته ھن واقعي مان لڳي ٿو ته ھتي انسان جي قيمت کان وڌيڪ اٽو مھانگو آھي. ڀا مزدوري ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندو ھو. جڏھن ته 10 ڏينهن بعد سندس نياڻي جي شادي رٿيل ھئي، اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي. ھن چيو ته جيستائين واسطيدار اختيارين خلاف ڪيس داخل نه ڪيو ويندو، ان وقت تائين احتجاج جاري رکيو ويندو. معلوم ٿيو آهي ته فوتي ھرسنگ ڪولھي ڏھاڙي تي مزدور ڪندو ھو، کيس 6 نياڻين ۽ ھڪ پٽ جو اولاد آهي، ھو اڪيلو گھر جو ڪمائيندڙ ھو. جڏھن ته بدنظمي سبب اٽي جي گاڏين تي بيٺل مزدور ڪيترن ئي مردن ۽ عورتن کان پئسا وٺي کين بنا اٽو ڏيڻ جي فرار ٿي ويا، جنهن ڪري غريب مرد توڙي عورتون پٽون ۽ پاراتا ڏيندا رهيا. ٻئي طرف سڄي سنڌ ۾ اٽو 150 رپيا ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، پر سنڌ سرڪار توڙي خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير ڪو نوٽيس ناهي ورتو، جنهن سبب غريب ماڻهو سراپا احتجاج بڻيل آهن،

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button