
ڄام نواز علي: ڄام نواز علي جي نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ حاجي بابل ڪٽوهر ۾ اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن سبب فدا حسين ڪٽوهر، سرور ڪٽوهر، صابر ۽ سجاد علي 5 ماڻهن جا گهر سڙي ويا، جڏهن ته گهرن ۾ پيل اناج، هنڌ بسترا، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان رک ٿي ويو. باهه لڳڻ وقت گهرن ۾ معصوم ٻارن ۽ عورتن ۾ رڙيون پئجي ويون، ڳوٺاڻن پاڻ باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر وسائي نه سگهيا. هوڏانهن اطلاع باوجود فائر برگيڊ عملو نه پهتو. واضح رهي ته سڄي تعلقي ۾ ڪابه باهه وسائڻ جي گاڏي موجود ناهي. ٻئي طرف گهر سڙڻ بعد باهه متاثر ٻارن سميت کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، جن جي اختيارين ڪا مدد ناهي ڪئي.