
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلوچستان جي اهم سياسي اڳواڻن جي ملاقات ٿي آهي. بلاول هائوس جي ترجمان مطابق ملاقات کان پوءِ بلوچستان جي اهم سياسي اڳواڻن پيپلزپارٽي ۾ شرڪت ڪئي آهي. اڳوڻو وفاقي وزير سردار فتح محمد حسني، نوابزاده غزين مري، طاهر محمود، بلوچستان جي وڏي وزير جو ڪوآرڊينيٽر نوابزاده جمال رئيساڻي، مير فريد رئيساڻي، مير عبدالله راهيجا ۽ مير الله بخش رند پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيا آهن. بلاول هائوس جي ترجمان ٻڌايو ته ملاقات ۾ علي مدد جتڪ، حاجي ملڪ گورگيج، نوراحمد بنگلزئي، مير عبيد گورگيج، محمد عيسيٰ فتح، لالا بخش، محي الدين سميت ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. آصف زرداري پي پي ۾ شامل ٿيڻ تي بلوچستان جي سياسي اڳواڻن کي مبارڪون ڏيندي چيو ته بلوچستان ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جو هڪ تاريخي رشتو آهي. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه بلوچستان جي حقن لاءِ حقيقي جدوجهد ڪئي آهي. صوبي جي سياست ۾ پيپلز پارٽي هڪ مضبوط ڌر آهي. آصف علي زرداري چيو ته پيپلزپارٽي بلوچستان جي عام ماڻهن جي حق لاءِ پنهنجي جدوجهد تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندي.