پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص واقعي جي جاچ شروع، صوبائي وزير ۽ ڊي ايف سي جي بيانن ۾ تضاد

ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ سستو اٽو وٺڻ دوران اسٽال تي رش ۾ لتاڙجي فوت ٿيل پورهيت واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. خوراڪ کاتي جي صوبائي وزير مڪيش چاولا ۽ ڊي ايف سي جي بيانن ۾ تضاد سامهون آيو آهي. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ۾ پنھنجي معصوم ٻارن لاءِ اٽو وٺڻ دوران سستي اٽي جي اسٽال تي بدنظمي دوران چيڀاٽجي فوت ٿيل پورهيت 45 ورهين جي ھرسنگ ڪولھي واري معاملي جي جاچ شروع ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ خوراڪ جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا ۽ سندس ئي کاتي جي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر ڊاڪٽر وسيم ابڙي جي بيانن ۾ تضاد سامھون اچي ويو آھي. گذريل ڏينھن مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير مڪيش چاولا چيو ھو تھ گذريل اڍائي مھينن کان اٽي جا سستا اسٽال لڳي رھيا ھئا، آخر اڄ ھي واقعو ڇو پيش آيو. ھن وڌيڪ چيو تھ مل وارن پاڻ اٽو ورھايو، ان سلسلي ۾ نھ ڊي سي کي اطلاع ڏنو، نھ خوراڪ کاتي کي ۽ نھ ئي وري پوليس کي اطلاع ڏنو، جيڪڏھن اطلاع ڏين ھا تھ ھن قسم جو واقعو پيش نھ اچي ھا. ٻئي طرف ڊي ايف سي ميرپورخاص پنھنجي شروعاتي رپورٽ ۾ خوراڪ کاتي جي اعليٰ اختيارين کي ڄاڻايو آھي تھ اٽو ورھائڻ مھل خوراڪ کاتي جا 4 انسپيڪٽر موجود ھئا ۽ اسٽالن تي 6 گاڏيون پھچڻيون ھيون، پر رڳو 4 گاڏيون آيون، جنھن سبب ماڻھن جي رش وڌي وئي ۽ ماڻھو گاڏين تي چڙھي ويا، جنھن ڪري ھڪ ڄڻو ڪري پيو ۽ پيھھ ۾ اچي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف ڊي سي ميرپورخاص زين العابدين ميمڻ پاران پڻ جاچ جو سلسلو ھلندڙ آھي. ڊي سي جو چوڻ آھي تھ واقعي وقت خوراڪ کاتي جا عملدار موجود ھئا، جيئن ئي واقعو پيش آيو تھ اھي عملدار ضلعي انتطاميا يا پوليس کي اطلاع ڏيڻ بدران فرار ٿي ويا. ھوڏانھن ضلعي اندر اٽي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، پر اٽي جا سستا اسٽال ميرپورخاص شھر اندر بند ڪيا ويا آھن، جنھن سبب اڄ پڻ سوين ماڻھو گلستان بلديا ۾ صبح کان سستي اٽي لاءِ واجھائيندا رھيا، پر کين ڪٿي بھ سستو اٽو نھ ملي سگھيو. ھوڏانھن فوتي پورھيت جون آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جڏهن ته فوتي پورھيت جي نياڻي جي ھڪ ھفتي بعد شادي رٿيل ھئي واقعي بعد شادي جون خوشيون ماتم ۾تبديل ٿي ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button