سنڌ

قاسم آباد ۾ اڳوڻو مختيارڪار قتل جي الزام ۾ بيگناهه قرار، ڌريون کيرکنڊ

حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ اڳوڻي مختيارڪار جي اوطاق مان ملازم جو لاش هٿ اچڻ واري معاملي جو نبيرو ٿي ويو، اڳوڻي مختيارڪار ماجد خاصخيلي تي ملازم عثمان سومرو جي قتل جو الزام ثابت نه ٿي سگهيو، جنهن تي کيس بيڏوهي قرار ڏئي خاصخيلي ۽ سومرا ڌرين کي کيرکنڊ ڪيو ويو، ڌريون هڪٻئي مٿان داخل ڪيس تان هٿ کڻنديون. خبر موجب 13 مهينا اڳ نسيم نگر ٿاڻي جي حد ۾ اڳوڻي مختيارڪار قاسم آباد ماجد خاصخيلي جي اوطاق مان سندس ملازم نوجوان عثمان سومري جو گولي لڳل لاش مليو هو، جنهن بعد سومرا ڌر جي ماڻهن حملو ڪري مختيارڪار ۽ سندس ڀا کي سخت زخمي ڪيو هو، جنهن جو ڪيس سومرا ڌر جي ماڻهن مٿان داخل ڪيو ويو هو ۽ اهي 5 مهينن کان جيل ۾ هئا. مختيارڪار ماجد خاصخيلي خلاف ڪيترائي ڏينهن پريس ڪلب آڏو بک هڙتال به ڪئي وئي ۽ قتل ڪيس به داخل ڪيو ويو، جنهن بعد جاچ آفيسر نوجوان عثمان سومرو جي موت کي خودڪشي قرار ڏيندي ڪيس مان ماجد خاصخيلي کي آجو قرار ڏنو هو. ڌرين وچ ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ڪاشف شورو جي سرپئنچي هيٺ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهن ڌرين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي ۾ خون ثابت نه ٿي سگهيو، فيصلو ٻڌائيندڙ چيو ته ماجد خاصخيلي ۽ واجد بيگناهھ آهن، جنهن بعد خاصخيلي ۽ سومرا ڌرين کي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪيو ويو. ان ڏس ۾ اڳوڻي وائيس چيئرمين اقبال سومري تصديق ڪئي ته ڪاشف شورو جي ٽياڪڙي ۾ جرڳو ٿيو، اسان ڪي به پئسا نه ورتا آهن، جڏهن ته ڌريون هڪٻئي خلاف داخل ڪيس ختم ڪرائينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button