پاڪستانسنڌ

فريدآباد ۾ چونڊ مھم تيز ٿي وئي، اميدوارن جون ڪارنر گڏجاڻيون

فريدآباد: فريدآباد ۾ چونڊ مھم جي سلسلي ۾ پ پ اميدوارن جي گڏجاڻي ٿي. جنهن جي صدارت پ پ فريدآباد جي صدر ۽ چيئرمين جي اميدوار ذوالفقار علي ڪلھوڙو ڪئي. گڏجاڻي ۾ وائيس چيئرمين جي اميدوار سيٺ سڪندر علي ڏيرو، ڪائونسلر اميدوار مينھون خان خاصخيلي، ڪائونسلر اميدوار ارشاد عباسي، ڪائونسلر اميدوار عاشق گائينچو، پ پ اڳواڻ گل حسن خاصخيلي، غلام مصطفى چنا، علي عباس چنا، غلام نبي مڱڻھار، قادر بخش چانڊيو، غلام علي کوسو، مشتاق احمد خاصخيلي، محمد خان خاصخيلي، علي نواز خاصخيلي، سڄڻ گائينچو، پانڌي خاصخيلي، بابر چانڊيو، زرنين عباسي، عبدالوحيد ڏيرو، جھانگير عباسي، عاشق عباسي، خان محمد تيوڻو، محمد رمضان ڇٽو، گلزار گائينچو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ عوامي پارٽي آهي عوام جي خدمت ڪئي آهي، پ پ جمھوري پارٽي آهي، ٻوڏ متاثرن جي ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي آهي. عوام سان ڏک سک ۾ گڏ آھيون، ھنن اعلان ڪيو ته ڪامياب ٿي يوسي جي ھر ڳوٺ کي رنگ بند ڏياريو ويندو. جڏهن ته امتياز احمد سيلرو پي ٽي آ کي الوداع ڪري پ پ ۾ شموليت جو پڻ اعلان ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button