پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ خلاف راڌڻ ۾ ھاري ڪاميٽي جو ڌرڻو

راڌڻ: راڌڻ ۾ سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي، گلزار لاشاري، ڪامريڊ زاھد لاشاري ۽ سڪندر سولنگي جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ اٽي جي کوٽ خلاف حسيني چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو ۽ مھانگائي خلاف نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌ ھاري ڪاميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي خطاب ڪندي چيو ته افسوس جھڙي ڳالھه آھي سنڌ جا غريب مسڪين ماڻھو اٽو مھانگو ھئڻ ڪري بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن ۽ غريب مسڪين ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن ۽ اٽي جي لاءِ پنھجون حياتيون وڃائي رهيا آھن پر سنڌ جا وزير ۽ مشير عياشون ڪرڻ ۾ پورا آهن، تازو ميرپور خاص ۾ اٽي جي لاءِ نوجوان پنھجي حياتي وڃائي ويٺو، جنھن جي ايف آئي آر سنڌ حڪومت تي ڪٽي وڃي. جڏھن ته سنڌ ۾ وري نوان صوبا ٺاهڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ۽ جيڪڏھن سنڌ جي وحدانيت تي ڪنھن به وار ڪيو ته اسين قبول نه ڪنداسين ۽ سنڌ جي حفاظت لاءِ سنڌ ھاري ڪاميٽي ڀرپور جدوجهد ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button