پاڪستان

بدترين ٻوڏ اسان جون ضرورتون وڌائي ڇڏيون، مالي گنجائش گهٽ آهي:اسحاق ڊار

ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ٻوڏ سبب متاثر لکين پاڪستانين ۽ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ پاڪستان کي عالمي برادري، دوست ملڪن، گهڻ رُخي ۽ ٻه طرفي شراڪتدارن جي معاونت جي ضرورت آهي. پاڪستان پنهنجي بين الاقوامي ادائگين ۽ ذميدارين ۾ پُرعزم آهي، پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو، جڏهن ته اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، پاڪستان کي مختصر ۽ وچين مُدي لاءِ معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ڪلائمينٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي پهرين پلينري سيشن جي گڏيل صدارت ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي ۽ موسمياتي اثرن، روس- يوڪرين جنگ، عالمي ٻاڙائي ۽ غربت جهڙي مسئلن کي اڳ مُنهن ڏئي رهيو هو، انهن حالتن جي روشنيءَ ۾ تاريخ جي بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، گذريل 30 سالن ۾ پهريون ڀيرو گذريل سانوڻي ۾ 6 ڀيرا وڌيڪ برساتون پيون جنهن سان ملڪ خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾ شديد تباهي ۽ نقصان ٿيو، ٻوڏ سبب مجموعي طور 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، 1700 ڄڻا پنهنجون جانيون وڃائي ويٺا، 13 هزار ڄڻا زخمي ٿيا، 30 هزار ڪلوميٽر روڊ ۽ شاهراهون تباهه ٿيون، 440 پُل ٽُٽي پيا، 500 ملين ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿي، 2 ملين جي ويجهو گهر عارضي يا جزوي طور متاثر ٿيا، جڏهن ته 10 لک چوپايو مال مري ويو يا گُم ٿي ويو. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کانپوءِ مهينن تائين پاڻي بيٺل رهيو جنهن سبب وقت تي پوکي نه ٿي سگهي ۽ اسان جي زراعت متاثر ٿي آهي، بيٺل پاڻيءَ سبب اسڪول ۽ اسپتال بند آهن، مقامي طور تي گڏيل رابطو مشڪل رهيو، عارضي پناهگاهن ۾ ماڻهن کي رهايو ويو، جڏهن ته اسپتالن جو ڪم پڻ عارضي طور هلائڻو پيو، ٻوڏ سبب 22 هزار کان وڌيڪ اسڪول بند ٿيا، جڏهن ته لکين ٻارن جي تعليم متاثر ٿيا. اسحاق ڊار چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ اسان کي مربوط ڪوششن جي ضرورت آهي، پاڪستان حڪومت متاثر ماڻهن ۽ علائقن جي امداد ۽ بحاليءَ جي اولين ترجيح ڏني. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت فوري طور 70 ارب رپين جي هنگامي روڪ معاونت فراهم ڪئي وئي، 8 ڏهائي 17 ملين متاثرن کي روڪ امداد ڏني وئي، 2.7 ملين ڪٽنبن کي ڪيش رليف ۽ ٻين ضروري شين جي مدد ڪئي وئي ۽ ڏني پئي وڃي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جو ٿورو مڃيندي چيو ته عالمي بئنڪ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي سلسلي ۾ 1.6 ارب ڊالرن جي معاونت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته 500 ملين ڊالرن جي معاونت ڪلائمينٽ ريزيلينئٽ پاڪستان لاءِ فراهم ڪرڻ جو وعدو ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته پي ڊي ايم اي عالمي ادارن جي تعاون سان جيڪو ڪاٿو لڳايو آهي ان مطابق ٻوڏ کان 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ لاءِ پاڪستان کي 16 ڏهائي 3 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. پاڪستان ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي شراڪتدارن ذريعي ايندڙ 3 سالن جي منصوبا بندي ڪري رهيو آهي، ان مان اڌ کان وڌيڪ وسيلا پاڪستان پنهنجي مالياتي نظام ذريعي پورا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ايندڙ 3 سالن ۾ اسان کي 8 ارب ڊالرن جي سالياني ضرورت پوندي. دوست ملڪ گهڻ رُخي ۽ ٻه طرفي شراڪتدارن جي حمايت سان نه صرف تعمير ۽ بحاليءَ جي ڪوششن کي فائدو حاصل ٿيندو بلڪ پاڪستان لاءِ ايتري مالي گنجائش پڻ نڪري ايندي جنهن سان پاڪستان پنهنجي پرڏيهي ادائگين ۽ ٻين بين الاقوامي ذميدارين کي احسن طريقي سان پورو ڪرڻ جي قابل ٿيندو. ناڻي واري وزير چيو ته ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلي جي نتيجي ۾ پاڪستان تي ناڪاري اثر پيا آهن، ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گيسن جي نيڪاليءَ ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر گذريل ٻوڏ وانگر ماحولياتي تبديلين کان متاثر ملڪن ۾ پاڪستان اڳيان اڳيان آهي، ان صورتحال ۽ توانائي ۽ کاڌي پيتي جي شين جي عالمي قيمتن ۾ واڌ جي روشنيءَ ۾ سماجي استحڪام پاڪستان لاءِ هڪ فڪر جو لمحو آهي. ناڻي واري وزير واضح ڪيو ته پاڪستان پنهنجي بين الاقوامي ادائگين ۽ ذميدارين ۾ پُرعزم آهي پاڪستان مختلف شعبن ۾ سڌارا متعارف ڪرائي رهيو آهي، ان سان گڏوگڏ محصولن ۾ واڌ ۽ سماجي شعبي ۾ خرچن ۾ واڌ ڪري رهيو آهي، جڏهن ته هاڻوڪي بدترين ٻوڏ پاڪستان جي ضرورتن کي وڌائي ڇڏيو آهي، اسان وٽ مالي گنجائش گهٽ آهي، اهڙي صورتحال جي روشنيءَ ۾ پاڪستان کي عالمي معاونت جي ضرورت آهي، اسان کي مختصر ۽ وچين مُدي لاءِ مالي معاونت ۽ گنجائش گهربل آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برداري، دوست ملڪ ٻه طرفي ۽ گهڻ رُخي شراڪتدار ان مشڪل مرحلي ۾ اسان جو ساٿ ڏيندا. ناڻي واري وزير چيو ته ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي بحالي ۽ امداد اسان جي فوري ضرورت آهي ته جيئن اسان ان 33 ملين متاثر ماڻهن کي پڻ نظر ۾ رکڻو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين سبب ٿيل نقصان کي مُنهن ڏين لاءِ عالمي برادريءَ سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، اسان کي بحرانن جي ڏينهن ۾ هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي. ناڻي واري وزير بين الاقوامي برادريءَ جي حمايت تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته ريزيليئنٽ ريڪوري اسٽريٽجڪ ۾ ٻه طرفي شراڪتدار، دوست ملڪن، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽيءَ جي تنظيمن جي حمايت تي پڻ پاڪستان انهن جو مشڪور آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button