مٺي: مٺي ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳايل سستي اٽي جي اسٽال تي بدنظمي بعد ماڻهن ۽ پوليس ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس اٽو خريد ڪرڻ لا آيل رهواسين تي لٺبازي ڪري ڏني، جنهن تي ماڻهو مڇرجي پيا ۽ پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو ڏئي ڇڏيو. اهلڪارن ڀڄي جان بچائي. جنهن بعد پوليس اٽالا طلب ڪيا ويا، جن پهچي ماڻهن کي ڇڙوڇڙ ڪيو. پوليس اهلڪارن ماڻھن جون ڪيتريون ئي موٽرسائيڪلون کڻي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏيون. معلوم ٿيو آھي ته پوليس ڪجهه مخصوص ماڻھن کي اٽو وٺرائي ڏيڻ ۽ کين اڳتي ڇڏڻ شروع ڪيو ته صبح کان قطارن ۾ بيهي انتظار ڪندڙ ماڻھو مڇرجي پيا، جنهن تان پوليس اهلڪارن ۽ رهواسين ۾ منهن ماري ٿي پئي، پوليس کين ڇڙوڇڙ ڪرڻ لا لٺبازي ڪئي ڪري عورتن ۽ مردن تي مبينا تشدد ڪيو، جنهن تي عورتن ۽ مردن به پوليس مٿان ڪاھه ڪري ڏني ۽ پوليس اهلڪارن کي ڪٽڪو ڏنو، جنهن دوران پوليس اهلڪارن ڀڄي جان بچائي، جنهن بعد وڏن پوليس اٽالن پهچي عوام کي ڇڙوڇڙ ڪري ڀڄائي ڇڏيو. پوليس موجب ڪجهه ماڻھن بدنظمي تان روڪڻ تي پوليس اهلڪارن مٿان حملو ڪيو ۽ مارڪٽ ڪئي، پر وري به پوليس برداشت ڪري معاملو درگذر ڪيو آھي. هوڏانهن عوام جو الزام هو ته پوليس اهلڪار پنهنجي ايجنٽن کي نظم ضبط ٽوڙي اٽو ڏياري رهيا آھن، جيڪي اٽو وري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪن ٿا ۽ عوام کي سرڪاري سستو اٽو مشڪل بڻيل آھن، پوليس عوام کي مارڪٽ ڪئي ۽ اسان کي اٽو ڏيڻ بدران لٺيون هڻي ظلم ڪيو. اسٽال تان اٽو پوليس جي معرفت چڪين تي وڪرو ٿئي ٿو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close