پاڪستانسنڌ

جونيئر ذوالفقار ڀٽو ديا جي وارثن وٽ پهتو، ڏک جو اظهار

سنجھورو: پ پ شھيد ڀٽو جي سربراھه شھيد مير مرتضى ڀٽو جو فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو بنا پروٽوڪول جي سنجھورو ۾ بيدردي سان قتل ٿيل عورت ديا ڀيل جي تڏي تي پھچي ويو. ھن ديا جي معصوم نياڻي سميت سموري گھرڀاتين سان ديا جي قتل ٿيڻ تي ڏک ونڊيو ۽ واقعي جا مڪمل تفصيل ورتا. وارثن جونيئر ذوالفقار ڀٽو کي ٻڌايو ته پوليس اسان سان ظلم پئي ڪري، عورت به اسان جي قتل ٿي ۽ ماڻھو به اسان جا گرفتار ٿيا آھن، اسان جي ڪيربه داد رسي ڪرڻ وارو ناھي، اسان بي يار مددگار آھيون، پوليس اسان جي گھرڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي مرڻينگ ڪري ڇڏيو آھي، اسان جي مالڪي ڪئي وڃي. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھي منھنجو دورو سياسي نه پر انسانيت ناتي آھي، منھنجو تعلق به شھيدن جي گھراڻي سان آھي، ان ڪري موت ۽ شھادت جو درد مون کان وڌيڪ ڪير نٿو سمجھي سگھي، تنھن ڪري پ پ شھيد ڀٽو عورت جي وارثن جي ھر قانوني مدد ڪرڻ لا تيار آھي. ديا جي وارثن جون جائز شڪايتون آهن، صاف شفاف انڪوائري ڪرائي اصل قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، باقي بيگناھه گھرڀاتين کي جلد آزاد ڪيو وڃي. ھن چيو ته ديا ڀيل جو قتل ڏکيوئيندڙ واقعو آھي، جنھن سان سڄي سنڌ سوڳوار بڻيل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button