پاڪستانسنڌ

سنڌ دشمن فيصلن خلاف عوامي تحريڪ جو وصل مارچ ٽنڊوآدم کان شروع

ٽنڊوآدم/شهدادپور/مقصودو رند (نمائندن وٽان) سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهرا پاس ڪري سنڌين جون زمينون، سامونڊي پٽي، تيل، ڪوئلو، گئس ۽ اختيار وفاق حوالي ڪرڻ، خورشيد شاهه جي قيادت ۾ جوڙيل نون صوبن لاءِ ڪميٽي، بدنيتي تي ٻڌل ڊجيٽل آدمشماري ڪرائي ڌارين کي سنڌ جو شهري ڪري ڳڻڻ، اٽي جي ڳاٽي ٽوڙ اگهه، پ پ ايم اين اي قادر خان مندو خيل طرفان ڊوميسائل پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ترميمي بل آڻڻ، سنڌ ۾ ڪشميرين لاءِ خاص وزارت قائم ڪرڻ توڙي ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي نه ڏيڻ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اعلانيل جدوجهد جي سلسلي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ضلعي سانگهڙ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ وصل مارچ جي شروعات ٽنڊوآدم شهر کان ڪئي وئي. مارچ ٽنڊوآدم کان ٿيندو شهدادپور، مقصودو رند، چودڳي ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ پهتو، جتي احتجاجي ريليون ڪڍي جلسا ڪيا ويا. وصل مارچ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن شمشاد لغاري، پريمي ڀيل، سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ علي نواز ڏاهري، عوامي تحريڪ ضلعي سانگهڙ جي صدر راڻو ڪنڊاڻي، عالم لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام علي زئور، ڦوٽو لغاري، هوش محمد خاصخيلي، عقيل ماڪوڙاڻي ۽ ٻين ڪئي. راهو شاخ تي مظاهرين جي آجيان ڪئي وئي. ريلين کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ستار رند، راڻو ڪنڊاڻي ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته شرمناڪ ڳالهه آهي ته هن جمهوري دور ۾ سنڌ اسيمبليءَ ون يونٽ جي ڪاري دور واريون ملڪ دشمن قراردادون پاس ڪري تيل، ڪوئلي ۽ گئس سميت سنڌ جا سمورا معدني وسيلا ۽ اختيار وفاق کي لکي ڏئي ڇڏيا آهن. اهڙو عمل 18 هين آئيني ترميم جو خاتمو ۽ صوبائي خودمختياري تي حملو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۽ ڪوهستان جون لکين ايڪڙ زمينون ڀڳڙن مٺ ڏنيون ويون آهن، جن ۾ هڪ سازش تحت ڌاريا آباد ڪري سنڌي ماڻهن کي دائمي طور تي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويندو. بدنيتي تي مبني وقت کان اڳ واري ڊجيٽل آدمشماري سنڌ ۾ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش آهي. گھر ڳڻپ ۽ آدمشماري کان اڳ لکين ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪمن مطابق پرڏيهين کي ملڪ مان نيڪالي ڏيڻ کانسواءِ آدمشماري سراسر بدنيتي آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ جي نام نهاد چونڊيل حڪمرانن کي فقط ڪرسي پياري آهي، هنن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڪا به پرواهه ناهي. سنڌ جي حڪمرانن ٻوڏ جو بهانو ڪري هزارين ٽن ڪڻڪ خراب ڏيکاري گم ڪري ڇڏي ۽ هٿرادو اٽي جي کوٽ پيدا ڪئي. سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، پر مهانگائي ۽ بيروزگاري سبب سنڌ جون مائرو بازارن ۾ پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهن. ميرپور خاص ۾ هرسنگ ڪولهي اٽو وٺندي رش ۾ لتاڙجي مارجي ويو. اڳواڻن چيو ته هڪ طرف قومي اسمبليءَ جي اسپيڪر پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خوشيد شاهه جي قيادت ۾ نون صوبن لاءِ ڪميٽي جوڙي آهي، مٿان وري ايم اين اي قادر مندو خيل ڊوميسائيل پاليسي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ترميمي بل پيش ڪيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ دشمن سازش خلاف جدوجهد جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button