پاڪستانسنڌ

سنڌ کي ڪنهن به صورت ورهائڻ نه ڏينداسين:ثمر حيدر جتوئي

مقصودو رند: سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثمر حيدر جتوئي چيو آهي ته سنڌ کي ڪنھن به صورت ورھائڻ نه ڏينداسين، نون صوبن بابت ٺاھيل ڪميٽي کي رد ڪريون ٿا. نئين آدمشماري ۾ بنا شناختي ڪارڊ جي ڳڻپ وارو عمل سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل جي سازش آهي، سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي، سنڌ کي ورھائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڀرپور جدوجھد ڪنداسين. مقصودورند نيشنل پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پنھجي نااھلي لڪائڻ لاءِ هر روز نئون اشو ڇڏي ٿي، سنڌ سرڪار اقتدار خاطر ھڪڙي پاسي سنڌ جون زمينون، وسيلا وفاق کي وڪڻي ڇڏيا آهن، مٿان وري سنڌ کي ورهائڻ لا خورشيد شاھه کي ٺيڪو ڏنو ويو آهي. هن چيو ته هڪ مخصوص ٽولي کي خوش ڪرڻ لا وقت کان اڳ آدمشماري ڪرائڻ ۽ آدمشماري ۾ غير آئيني نقطا رکي سنڌين کي اقليتن ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اهڙي آدمشماري قبول نه ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button